شفقت حسين وَڌو

شفقت حسين وَڌو

شفقت حسين وڌو

شفقت حسين وَڌو: مشهور ڪهاڻيڪار ترجمي نگار، مصور ۽ انجنيئر شفقت حسين ولد احمد خان وڌو 15 مئي 1963ع تي سيوهڻ شهر ۾پيدا ٿيو. ان وقت سندس والد محترم ايريگيشن کاتي ۾ ايس. ڊي. او طور مقرر هو. سندس اصل ڳوٺ چاڪياڻي تعلقو شهدادڪوٽ آهي. هن ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول شهدادڪوٽ مان، مئٽرڪ هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ، انٽر جامع علميه ڪاليج ڪراچي، بي. اي سول انجنيئرنگ، اين. اي. ڊي انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي، جنهن بعد 1987ع ۾ ايريگيشن کاتي ۾ اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر طور مقرر ٿيو. جنهن بعد ترقي ڪري هينئر 19 گريڊ ۾ پڃاري سرڪل حيدرآباد ۾ سپرينٽنڊنٽ انجنيئر طور خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي. شفقت حسين لکڻ جي شروعات 1982ع ڌاري يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران ڪئي. سندس پهرين ڪهاڻي ڪراچيءَ مان نڪرندڙ برسات رسالي ۾ شايع ٿي. شفقت حسين جو لاڙو مصوريءَ ڏانهن پڻ آهي. هن 200 کان مٿي تصويرون آئل ڪلر، واٽر ڪلر، آئل پينل، سافٽ پينل ۽ ايڪرلڪ رنگن ۾ چٽيون آهن. جيڪي هڪ فوٽ کان اٺن فوٽن تائين ڊگهيون آهن. سندس مصوريءَ جي موضوعن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ عمر خيام جا شعر، زندگيءَ جي خوبصورتي ۽ ان جو فاني هجڻ، زندگيءَ جا رشتا ۽ زندگيءَ سان لاڳاپيل ڪائناتي تصور شامل آهن. 2001ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ سندس تصويرن جي نمائش ٿي، مئي 2014ع ۾ آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۽ 14 آگسٽ 2014ع تي مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۾ پڻ سندس ٺاهيل تصويرن جي نمائش ٿي. سندس آرٽ گئلري ڳوٺ چاڪياڻي ۾ موجود آهي.
شفقت حسين، سنڌ جي زميني علم Geology تي تحقيق ڪئي آهي. هن 2006ع ۾ ڀت جبل ڀرسان گاجي شاهه جي اولهه ۾ اٽڪل 300 ملين سال پراڻي ڪورل ريف (مرجاني جزيرو) دريافت ڪيو. جنهن تي هڪ جامع ڊاڪيومينٽري پي. ٽي. وي ۽ سنڌ ٽي. وي چئنل تان پڻ نشر ڪئي وئي. هن گورک جبل کان مٿي اولهه ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحد تي فالٽ لائين کي ڳولهي لڌو، جنهن سبب علائقي ۾ زلزلا اچي سگهن ٿا. ان کان سواءِ هن “سنڌو درياهه جي پراڻن وهڪرن جو موجوده سنڌ ۾ ايندڙ ٻوڏن تي اثر” جي نسبت سان تحقيق پڻ ڪئي آهي. هي لڪيءَ جي جابلو سلسلي ۽ ڪارونجهر تي تحقيق ڪري رهيو آهي. شفقت حسين 2010ع جي ٻوڏ دوران ايريگيشن کاتي جي ذميوار آفيسر هجڻ جي ناتي شهدادڪوٽ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ شهر کي چوگرد بند ٻڌرايو ۽ پاڻيءَ جو رُخ اولهه طرف ڪيو، جنهن جي ڪري شهدادڪوٽ شهر سميت دادوءَ تائين ڪيترائي شهر ٻڏڻ کان بچي ويا. هيءُ 2010ع جي ٻوڏ دوران گهڻو متحرڪ رهيو ۽ ذاتي دلچسپي وٺندي ڪيترائي بند ڀڃڻ کان بچايا ۽ گهارا بند ڪرايا.
سندس ڪيترائي ترجمو ڪيل ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. سندس ترجمو ڪيل ڪتابن ۾ خليل جبران جو انگريزي ڪتاب The Procession جو سنڌي ترجمو ‘آبشار’، ‘ڪامياب زندگي ڪيئن گذارجي’ (Readers Digest) جا مضمون، ‘ٻه ٽي جام پيئڻ کان پوءِ’ (Rubaiyat of Omar Khayam) پڻ شايع ٿيل آهن. ان کان سواءِ شيخ اياز جي نثري/دعائيه نظمن تي مشتمل مجموعي ’شاعريءَ جو سجدو’ ڪتاب جو انگريزي ۾ ترجمو ڪري ‘Prayer of Poetry’ جي نالي سان شايع ڪرايو آهي. پاڻ هن وقت نوڪريءَ جي سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.05.15  عيسوي

شفقت حسين ولد احمد خان وڌو 15 مئي 1963ع تي سيوهڻ شهر ۾پيدا ٿيو.



مُصوّر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شفقت حسين وڌو
عبدالقادر وارثي
حفيظ الله کوهارو
سليمه هاشمي
سيد محبوب علي شاهه 2
عبدالرحيم ناگوري
پنجو مل رگهواڻي
شازيه سڪندر
رضوان عمراڻي
قاضي خضرحيات
مُصوّر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون